بن مانس

بن مانس

بن مانس

بَن مانَس: هڪ قسم جو جهنگلي جانور، جيڪو شڪل ۾ ڪجهه ماڻهوءَ ۽ ڪجهه ڀولڙي جهڙو ٿيندو آهي. هن ساهواري جو نسل آفريڪا جي وچ ۽ اولهه واري علائقي ۾ موجود آهي. گوريلي وانگر هي بنا پڇ جي انسان سان زياده هڪجهڙائي رکندڙ آهي. انتهائي ذهين ۽ تربيت يافته ساهوارو سمجهيو وڃي ٿو. بالغ ساهواري جو قد 4 يا 5 فوٽ ۽ وزن 150 کان 200 پائونڊن تائين ٿيندو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هيءُ ساهوارو آسان اوزارن جو استعمال به ڪري سگهي ٿو. هيءُ وڻن جي ٽارين ۾ لڏندو آهي، پر ڇال يا ٽپ ڏيئي نه سگهندو آهي. زمين تي چئني پيرن سان هلندو آهي.


لفظ بن مانسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو